SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ريڊيو ڊراما


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ريڊيو ڊراما

(Radio Drama)

ريڊيائي ڊرامي کي ’نشرياتي ڊرامو‘ به چئبو آهي. ريڊيو ڊرامو لفظن، لهجي، صوتي اثرات ۽ بئڪ گرائونڊ موسيقيءَ جو نالو آهي. ان لاءِ اک نه پر ڪن رس جي ضرورت آهي. ٻڌندڙ لفظن، لهجي، صوتي اثرات ۽ پس منظر واري موسيقيءَ کي ٻڌي ڊرامي جي ڪردارن، ماحول وغيره بابت پنهنجي ذهن ۾ تصوير جوڙيندو آهي. يا وري لفظ، لهجو، صوتي اثرات ۽ پس منظر واري موسيقي ڊرامي جو ماحول، سٽاءَ، ڪردار نگاريءَ ۽ ڪهاڻيءَ جو تاڃي پيٽو مڪمل تصوير ٻڌندڙ جي ذهن ۾ جوڙيندو آهي. هڪ اعليٰ ريڊيو ڊرامي جو اثر ٻڌندڙ کي اڻ ڄاتل خوشي ۽ آسودگي پهچائي، ڪم ۾ رڌل هوندي به ڪو گيت يا نغمو جهونگاري حظ حاصل ڪري. سنڌيءَ ۾ ريڊيو ڊرامن جي شروعات 1950ع ڌاري ٿي. ان زماني ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان سنڌي پروگرام 45 منٽن جو نشر ٿيندو هو، جنهن ۾ موسيقي، تقريرون، فيچر ۽ ڊراما پيش ڪيا ويندا هئا. سن 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اسٽيشن قائم ٿي، جنهن ڪري سنڌي پروگرامن کي وڌيڪ وقت ملڻ لڳو. ڪراچيءَ مان اڌ ڪلاڪ جي مدت جا ڊراما نشر ٿيندا هئا، پر حيدرآباد مان سنڌي ڊراما هڪ ڪلاڪ جي مدت جا نشر ٿيڻ لڳا. سيد منظور نقويءَ جو پهريون سنڌي ڊرامو ’روٽي‘ جي عنوان سان نشر ٿيو هو، جيڪو هن پاڻ هڪ اردو ڊرامي تان ترجمو ڪيو هو. اڳتي هلي خيرپور ۾ ريڊيو اسٽيشن کلي ته اتان به ڊراما نشر ٿيڻ لڳا. موجوده دور ۾ ڪيتريون F.M ريڊيو اسٽيشنيون خانگي توڙي سرڪاري کلي چڪيون آهن، پر ريڊيو ڊرامو، چئنلن ۽ ٽيليويزن ڊرامن جي ڪري، پنهنجو اوج وڃائي ويٺو آهي.


Remember Me Also:

باده

ذ. [ف] شراب ، مَي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal